ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اوڀر بنگال جي راڄڌاني ڪولڪتا ۾ برسات 39 سالا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪولڪتا ۾ 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ 251.4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي، جيڪا 1986ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ برسات آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، برسات سبب مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن مان نوَ ڄڻا مِينهن جي بيٺل پاڻي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب حياتي وڃائي ويٺا.
شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سومر جي رات کان شروع ٿيل تيز برسات سبب پاڻي بيهجي ويو آهي.
شهر جا ڪيئي اهم روڊ ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته ٽرين سروس به متاثر ٿي آهي، جنهن سبب مسافرن کي گوڏي جيڏي پاڻيءَ مان گذرڻو پئجي رهيو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن ۾شهر دُرگا پوڄا جو تهوار اچي رهيو آهي، جيڪو هن خطي جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور ساليانو تهوار آهي، جنهن ۾ روزانو هزارين ياتري هندو ديوي درگا جي پوڄا لاءِ ايندا آهن.
ڀارتي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتون اوڀر بنگالي نار ۾ ٺهيل گهٽ هوا جي دٻاءُ سبب ٿيون آهن.