لاهور (بيورو) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد چيو آهي ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪيو وڃي، هڪ سياسي اڳواڻ بيان ڏنو ته بي آءِ ايس پي فراڊ آهي، جيڪو هڪ ڪروڙ خاندانن جي توهين آهي، ان بيان تي معافي گهرجي، لاهور ۾ بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روبينا خالد چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ بي آءِ ايس پي 70 ارب رپين جي هنگامي امداد ڏني هئي، اهو ئي پروگرام آهي جيڪو متاثرن تائين سڀ کان تيز، شفافيت ۽ وسيع پهچ سان مدد پهچائي ٿو، بي آءِ ايس پي غريبن جي بقا ۽ عزت جو سهارو آهي، ڪرونا ۾ به لکين خاندانن کي ساڳئي پروگرام ذريعي رليف مليو، سينيٽر روبينا خالد چيو ته بي آءِ ايس پي وٽ مڪمل ڊيٽا آهي جنهن سان متاثرن کي بروقت امداد ڏني پئي وڃي، پروگرام سان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خاندان لاڳاپيل آهن، ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان جي مانيٽرنگ ڪن ٿا ۽ باقاعدي آڊٽ پڻ ٿئي ٿي، دنيا جا ٻيا ملڪ به بي آءِ ايس پي مان سکڻ لاءِ اچي رهيا آهن، هن پروگرام ذريعي لکين ٻار تعليمي وظيفا وٺي رهيا آهن ۽ بينظير نشوونما پروگرام” پڻ هلي رهيو آهيم ڪي پي ۾ بونير، صوابي، سوات ۽ باجوڙ ۾ موبائل ٽيمون متاثرن جي سروي ڪري رهيون آهن.