اسپين، اسرائيل لاءِ هٿيارن جي پهچ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين اسرائيل لاءِ هٿيارن جي پهچ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
اسپين جي وزيراعظم پيدرو سانچيز موجب ان قدم جو مقصد غزا ۾ نسل ڪشي روڪڻ آهي.
ان پابندي تحت اسرائيل کي دفاعي سامان، ٽيڪنالاجي ۽ فوجي ٻارڻ جي برآمد يا درآمد تي مڪمل پابندي هوندي.
ان کانسواءِ والاريل فلسطيني علائقن ۾ قائم اسرائيلي وسندين مان ايندڙ شيون ۽ انهن جي مشهوري به منع قرار ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.