ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪي سبب مسافر ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي ۽ واقعي ۾ 13 مسافر زخمي ٿي پيا.
ريلوي پوليس موجب مستونگ جي علائقي دشت ۾ سپريزنڊ ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ان وقت ڌماڪو ٿيو، جڏهن اتان جعفر ايڪسپريس گذري رهي هئي، ڌماڪي سبب ٽرين جون ڪيتريون ئي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ٽرين پشاور کان راولپنڊي، لاهور ۽ سکر رستي ڪوئيٽا اچي رهي هئي.
ريلوي ڪنٽرول موجب ڌماڪي سبب 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، هڪ بوگي اونڌي ٿي وئي، جنهن سبب 13 مسافرن کي معمولي زخم آيا.
ريلوي اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي سان پٽڙي کي به نقصان پهتو آهي، پٽڙي جي بحالي ۽ متاثر بوگين کي کڻڻ لاءِ رليف ٽرين ڪوئيٽا رواني ڪئي وئي.
ٽرين ۾ 270 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، جيڪي واقعي کانپوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت منزل ڏانهن روانا ٿي ويا.
اختيارين موجب ڌماڪي جي نوعيت جي خبر ناهي پئجي سگهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي.
اهو هڪ ئي ڏينهن ۾ هڪ ئي علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ٻيو ڌماڪو آهي.
ان کان اڳ اڄ صبح متاثر هنڌ کان ڪجهه ڪلو ميٽر فاصلي تي ڊيگاري ڪراس واري هنڌ به ڌماڪو ٿيو هو پر ان ۾ ڪو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو.
پهرئين واقعي کانپوءِ جعفر ايڪسپريس 4 ڪلاڪ دير سان ڪوئيٽا کان پشاور رواني ٿي هئي.
You might also like