13 ورهين جو افغاني نينگر جهاز جي ڦيٿن ۾ لڪي ڪابل کان دهلي پهچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) 13 ورهين جو افغاني نينگر جهاز جي ڦيٿن ۾ لڪي ڀارت پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي شهر قندوز سان واسطو رکندڙ 13 ورهين جو نينگر افغانستان جي نجي ايئر لائن جي اڏام جي ڦيٿن ۾ لڪي آچر تي نئين دهلي جي گانڌي ائيرپورٽ پهتو، نينگر جهاز جي لينڊ ٿيڻ کانپوءِ نئين دهلي ايئرپورٽ تي رن وي تي اڪيلو گهمندي نظر آيو.
ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪارن نينگر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا کانپوءِ کيس ان ئي اڏام ذريعي واپس ڪابل موڪلي ڇڏيو.
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ترجمان موجب ڇوڪرو بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڪابل ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيو، مسافرن جي پويان لڪي لڪي جهاز تائين پهتو ۽ جهاز جي پوئين لينڊنگ ڪمپارٽمينٽ ۾ لڪي ويو.
سيڪيورٽي معائني دوران عملي کي هڪ ننڍو ڳاڙهي رنگ جو آڊيو اسپيڪر به مليو، جيڪو نينگر وٽ هو.
ڀارتي ميڊيا موجب 13 ورهين جي نينگر کي ايران وڃڻو هو پر کيس خبر ئي نه هئي ته جهاز نئين دهلي وڃي رهيو آهي.
افغانستان جي سرحدي پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.