ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عورتن کي مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ”پنڪ اسڪوٽيز پروگرام“ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هلندڙ هفتي عورتن کي مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽيز فراهم ڪيون وينديون.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عورتن ۽ شاگردياڻين کي روز اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو اسان چاهيون ٿا ته عورتون پنهنجي زندگي جي هر شعبي ۾ خود مختيار هجن ۽ معاشري جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن، اها اسڪيم عورتن لاءِ تاريخي قدم ثابت ٿيندو.
You might also like