اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت پنجاب مان صوبي کي اٽي ۽ ڪڻڪ جي بندش تي سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو.
سرڪاري ذريعن موجب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويندو ته آئين جي آرٽيڪل 151 تحت ڪو صوبو غذائي جنسن جي پهچ تي پابندي نٿو لڳائي سگهي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي پهچ بند ٿيڻ سان صوبي ۾ اٽو مهانگو ٿيو آهي.
صوبائي سيڪريٽري فوڊ شاهه محمود خان چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪڻڪ ۽ اٽي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، صوبائي حڪومت جلد سپريم ڪورٽ ۾ رٽ داخل ٿيندي، خيبر پختونخواهه ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جو 83 سيڪڙو دارومدار پنجاب تي آهي.
Next Post
You might also like