مريم نواز ٻوڏ متاثرن سان رلي ملي وئي، ڪپڙا سبڻ واري وڊيو وائرل

ساهيوال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ سلائي مشين هلائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي.
سومر ڏينهن مريم نواز ساهيوال ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جو افتتاح ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪئمپن جو دورو پڻ ڪيو، جتي هوءَ متاثرن کي ڏنل سهولتن جو جائزو وٺندي نظر آئي.
پنجاب جي وزيراعلي ڪئمپ ۾ موجود متاثرن سان گڏ ويهي ماني به کاڌي.
مريم نواز ڪئمپ ۾ موجود عورتن سان گڏ سلائي مشين به هلائي، جنهن وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.