ايف بي آر پاران 60 هزار کان وڌيڪ سونارن جي ڊيٽا هٿ، ٽيڪس لڪائيندڙن خلاف ڪارروائي شروع

لاهور)ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سونارن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ 60 هزار کان وڌيڪ جيولرز جي ڊيٽا گڏ ڪري ورتي.
ذريعن موجب، جن 60 هزار سونارن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي انهن ۾ رڳو 21 هزار جيولرز ايف بي آر سان رجسٽرڊ آهن ۽ انهن 21 هزار رجسٽرڊ جيولرز مان به رڳو 10 هزار 524 ٽيڪس ريٽرن داخل ڪيا آهن.
ايف بي آر ذريعن موجب، ڪيئي جيولرز پنهنجي آمدني گهٽ ظاهر ڪري ٽيڪس لڪائي رهيا آهن، ٽيڪس لڪائيندڙ جيولرز خلاف ڪارروائي شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ پهرئين مرحلي ۾ پنجاب جي 900 جيولرز جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جن جو واسطو لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ملتان سان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس ريٽرن سندن دڪانن، خريد ۽ وڪرو ۽ رهڻي ڪهڻي سان ٺهڪندڙ ناهي، هزارين سونارا ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ئي نه پيا ٿين، ٽيڪس گهٽ ڏيندڙ جيولرز کان نوٽيسز ذريعي جواب طلب ڪيو پيو وڃي.
ان حوالي سان ايف بي آر عملدارن جو چوڻ آهي ته سمورن سيڪٽرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي، ڪنهن واپاري يا صنعتڪار کي بنا سبب نوٽيس نه ڏنو ويندو، هر فرد پنهنجو حصو جو ٽيڪس ايمانداري سان ڏيندو ته ملڪ هلندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.