فخر زمان جو تڪراري آئوٽ، پاڪستان، آءِ سي سي کي ٽي وي امپائر جي شڪايت ڪري ڇڏي

دبئي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيم ڀارت خلاف ميچ ۾ فخر زمان جي تڪراري آئوٽ تي آءِ سي سي وٽ ٽي وي امپائر جي شڪايت ڪري ڇڏي.
ايشيا ڪپ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل پاڪ-ڀارت ميچ دوران ٽي وي امپائر طرفان فخر زمان کي تڪراري آئوٽ ڏنو ويو، جنهن تي ميچ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئينجر نويد اڪرم چيما ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ آڏو پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا.
ذريعن موجب، ميچ کانپوءِ ڪپتان جي ميچ رپورٽ ۾ به پاڪستاني ٽيم انتظاميا تڪراري فيصلي کي هاءِ لائيٽ ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ سي سي جي امپائرن ۽ مئينجر کي به ٽيم انتظاميا پنهنجيا خدشا ظاهر ڪندي باظابطا شڪايت جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم ترين مقابلي ۾ ٽي وي امپائر جا فرض سريلنڪا جي روچيرا پالياگروگي نڀايا، جنهن فخر زمان کي تڪراري انداز ۾ ”ڪَٽ بي هائينڊ“ قرار ڏنو ۽ ان فيصلي سان ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي پوزيشن متاثر ٿي.
ان حوالي سان پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ” فخر زمان جو آئوٽ شايد غلط هو، پر امپائر ئي فيصلو ڪندا آهن، اسان کي لڳو ته بال زمين ڪِريو آهي، پر فيصلو ته امپائر جو ئي هوندو آهي.
واضح رهي ته ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي جي دنگل ۾ فخر زمان کي 15 رنسن تي آئوٽ قرار ڏنو ويو، ان وقت پاڪستان جو اسڪور 21 رنسون هو، جڏهن ته ڊريسنگ روم ڏانهن واپس ويندي فخر زمان ۽ هيڊ ڪوچ فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.