دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان سوريا يادَو چيو آهي ته پاڪستان خلاف ميچن کي هاڻي حقيقي مقابلو نٿو چئي سگهجي ڇوته ڀارت آچر ڏينهن ايشيا ڪپ سپر فور جي مقابلي ۾ پنهنجي تازي سرسي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي ڇهه وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
سوريا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ’’منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ٻه ٽيمون 15 کان 20 ميچون کيڏن ۽ اسڪور 7-7 يا 8-7 هجي ته ان کي مقابلو چئي سگهجي ٿو، پر جڏهن 13-0 يا 10-1 هجي ته ان کي رائيولري نه ٿو چئي سگهجي، هاڻي اسان جو پاڪستان مقابلو ناهي رهيو ‘‘
هن چيو ته ’’مون کي انگن اکرن بابت صحيح ڄاڻ ته نه آهي هاڻي اِهو مقابلو پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي. ‘‘
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ڀارت جي ٻي فتح مختصر فارميٽ ۾ ٻنهي ٽيمن جي گڏيل رڪارڊ کي3-11 تائين وڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ ميچ برابر رهي.
دفاعي چيمپيئن ڀارت ميچ دوران چار ڪيچ پڻ ڊراپ ڪيا، جڏهن ته سوريا ڪمار چيو ته هو اڱاري تي دبئيءَ ۾ بنگلاديش خلاف ايندڙ سُپر فور ميچ کان اڳ ان مسئلي تي ڪم ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته ” جن ڇوڪرن ڪيچ ڇڏيا، فيلڊنگ ڪوچ کين اي ميل ڪري پنهنجي آفيس ۾ حاضر ٿيڻ جو چيو آهي.
You might also like