پاڪستان جي جوهري پروگرام تي عالمي اٽامڪ انرجي ايجنسي جو وڏو بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي پرامن جوهري پروگرام ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪندي صلاحيت ۾ واڌ کي ساراهيو آهي.
پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي بيان موجب ويانا ۾ 69هين جنرل ڪانفرنس جي موقعي تي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊي جي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر راجا علي رضا انور سان مليو.
بيان ۾ چيو ويو ته انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي پرامن جوهري پروگرام ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان جي سول نيوڪليئر انرجي ۾ صلاحيت ۾ واڌ جي تعريف ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان جو نيوڪليئر پاور پروگرام سٺي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي، چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ سي – 5 پاڪستان جي صاف ۽ پائيدار ايٽمي بجلي جي سلسلي ۾ اهم قدم آهي.
ڊاڪٽر راجا علي رضا انور چيو ته پاڪستان جا جوهري پاور پلانٽ اعليٰ ترين حفاظتي معيارن تحت هلايا پيا وڃن ۽ اسان جون سرگرميون عالمي ايجنسي جي ويزن سان هم آهنگ آهن، پاڪستان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي ۽ رڪن ملڪن سان گڏجي پرامن جوهري سهڪار، پائيدار ترقي ۽ خطي جي بهتري لاءِ ڪم جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.