صالح پٽ (ويب ڊيسڪ) صالح پٽ ۾ ظلم جي انتها ٿي وئي، بااثر وڏيري ٻنيءَ ۾ گهڙي پاڻي پيئڻ تي ڏاچيءَ کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائيندي ان جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي.
سکر جي تعلقي صالح پٽ ۾ بااثر وڏيري مبينا طور تي ڏاچيءَ جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي.
ڏاچي جي مالڪ موجب وڏيري ڪاوڙ ۾ اچي ڏاچي کي ٽريڪٽر سان ٻڌي گهليو ۽ ڏنڊا به هنيا.
پوليس ڏاچي جي مالڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو ۽ نامزد 3 جوابدارن مان هڪ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ڏاچي جو علاج ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي.
You might also like