سعودي معاهدي سان پاڪستان معاشي طور به مضبوط ٿيندو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته معاهدي کانپوءِ سعودي عرب ۾ اسان جي فوج جو انگ وڌندو، ان معاهدي سان پاڪستان معاشي طور به مضبوط ٿيندو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو معاهدو تاريخي آهي، 75 سالن ۾ اسان اڳ به دفاعي معاهدا ڪيا پر ڏکيو وقت آيو ته معاهدو ڪندڙن مدد نه ڪئي.
هن چيو ته ٻين ملڪن سان به دفاعي معاهدا ممڪن آهن، جيڪي اسان جا سڄڻ ناهن، اهي معاهدي تي خوش ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.