سروائڪل ويڪسين بابت پروپئگينڊا، مصطفيٰ ڪمال پنهنجي نياڻي کي ايڇ پي وي ويڪسين لڳرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پنهنجي نياڻي کي سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين لڳرائي ڇڏي.
ڪراچيءَ ۾ سروائيڪل ڪينسر جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ مصطفيٰ ڪمال پنهنجي ڌيءَ کي ويڪسين لڳرائي.
تقريب دوران پنهنجي نياڻي کي ويڪسين لڳرائيندي وفاقي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ويڪسين خلاف گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا هلي رهي آهي ، جنهن سبب ئي هن پنهنجي نياڻي کي ويڪسين لڳرائڻ جو فيصلو ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته مان چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ ڪابه نياڻي هن مرض جي ڪري زندگي نه وڃائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.