گهوٽڪي ۾ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي نالي ڪوڙو پوليو سرٽيفڪيٽ جاري

ڪراچي (انويسٽيگيٽو رپورٽر) صحت کاتي گهوٽڪي جو انوکو ڪارنامو، وفاقي وزير صحت جي نالي سان جعلي پوليو سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ جو انڪشاف صحت کاتي گهوٽڪي ۾ وڏي بي ضابطگي سامهون اچي وئي آهي، جتي وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال جو جعلي پوليو ويڪسين سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد سڄي ضلعي جي صحت کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڊي ايڇ او آفيس گهوٽڪي جي ويڪسينيٽر شهزور نوحاڻي وفاقي وزير صحت مصطفي ڪمال جي نالي سان آن لائين جعلي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو. اهڙي واقعي کانپوءِ ضلعي گهوٽڪي ۾ پوليو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ وارو آن لائين سسٽم عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ عوامي آواز ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر رائو آفتاب سان رابطو ڪيو ته ھن چيو ته ويڪسينيٽر جي لاپرواهي سبب ٿيو اھي جنهن تي سخت نوٽيس وٺندي ڊي جي صحت سندس ٻه انڪريمنٽ ختم ڪيون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آن لائين پوليو سسٽم لاءِ في مقرر آهي، جنهن تحت عام شهري عمري يا ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ ڊيٽا کڻي اچي ڏين ٿا ۽ آپريٽر انٽري ڪندا آهن جنهن بعد آن لائين سسٽم ذريعي سرٽيفڪيٽ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. ڊي ايڇ او موجب وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي نالي سان به ساڳي طريقيڪار تحت سندس ئي ٽيم آزمائش طور انٽري ڪرائي، جنهن سبب غيرمعمولي صورتحال پيدا ٿي ۽ سڄي ضلعي ۾ هڪ مهيني کان آن لائين سسٽم بند ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سماجي حلقن جو چوڻ آھي سڄي سنڌ جي ساڳي صورتحال آھي ۽ آن لائين سسٽم بند ٿيڻ سبب ضلعي گهوٽڪي جا سوين ماڻهو پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.