ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي مختلف کاتن جي 3 لک 8 هزار کان وڌيڪ پينشنرن مان هزارين پينشنرن جا فائيل گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنهن سبب شڪي پينشنرن کي پينشن جاري ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. پي اي سيءَ شڪي پينشن جاري ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي سڀني کاتن کي پنهنجي پينشنرن جي رڪارڊ وارا فائيل لاڳاپيل ضلعي اڪائونٽس آفيسن ۾ هڪ مهيني اندر جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاڳاپيل کاتن پاران پنهنجي کاتن جي پينشنرن جا گهربل فائيل جمع نه ڪرائيندڙ شڪي پينشنرن جون آئي ڊيون بلاڪ ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، طاحه احمد سميت خزاني کاتي واري سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ مختلف ضلعن جي ضلعي اڪائونٽس آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري کاتي جي سال 2024ع ۽ 2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آڊٽ پاران اعتراض اٿاريو ويو ته سيپ پيرول جي ڇنڊ ڇاڻ دوران سوين انويلڊ پراڻن شناختي ڪارڊن تي غير تصديق ٿيل پينشن جون ادائيگيون ظاهر ٿيون ۽ انهن پينشنرن جا ڪاغذ ۽ شناختي ڪارڊ نه پيا ڏنا وڃن جنهن ڪري ظاهر ٿي رهيو آهي شڪي پينشنون جاري ڪيون ويون آهن جنهن تي خزاني واري سيڪريٽري فياض جتوئي پي اي سي کي ٻڌايو ته سال 2021ع ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ فيملي پينشنرن جا اهي پراڻا ڪيس آهن جن ڪيسن ۾ پينشنر فوت ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته پهريان شناختي ڪارڊ 9 انگن جو هوندو هو ۽ هاڻي شناختي ڪارڊ 13 انگن تي ٻڌل آهي ان ڪري جيڪي پينشنر گذاري ويا انهن جو 13 انگن وارو شناختي ڪارڊ هينئر ڪيئن ٺهي سگهندو؟ ان ڪري پينشن جي سيپ پيرول سسٽم جي رڪارڊ تي اُهي پراڻا شناختي ڪارڊ موجود آهن جن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي. ڪميٽي جي ميمبر قاسم سراج پڇاڻو ڪيو ته سيپ جي سسٽم تي فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي شق ڇو شامل نه پئي ڪئي وڃي؟ ته جيئن فوت ٿي ويل پينشنرن جي اصل وارثن يا بيواهه کي اُها پينشن ملڻ جي تصديق ٿي سگهي. جنهن تي خزاني واري سيڪريٽري چيو ته سيپ جي سسٽم ۾ ايف آر سي سرٽيفڪيٽ جو ڪو شرط يا شق موجود ناهي ان لاءِ نادرا کان فيملي ٽري لنڪ حاصل ڪرڻ بابت ڳالهه طئي ٿي چُڪي آهي. هن وڌيڪ پي اي سي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ مختلف کاتن جي 3 لک 8 هزار کان وڌيڪ پينشرن مان هزارين پينشنرن جا فائيل گم آهن انهن ۾ اڪثريت تعليم کاتي سميت ٻين کاتن جي آهي ۽ انهن لاڳاپيل کاتن کي پينشنرن جا فائيل ۽ رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪري چڪا آهيون. هن ٻڌايو ته هاڻي پينشن جو سسٽم راست ۽ مائيڪرو پئمينٽ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪري رهيا آهيون جنهن سان شفافيت برقرار رهندي ۽ ملازمن کي پگهارون راست پئمينٽ سسٽم جي ذريعي سڌون سنئون سندن اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. پي اي سي جي اجلاس ۾ سنڌ جي 9 ضلعن ۾ پينشن جي فنڊن ۾ 40 ڪروڙ روپين جي گهوٻين جو معاملو سامهون آيو جنهن ۾ سال 2021ع ۾ پينشن جي 40 ڪروڙ روپين جي گهوٻين ۾ خزاني واري کاتي جي 16 آفيسرن ۽ ملازمن سميت اي جي سنڌ جي 3 ملازمن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن تي خزاني واري کاتي پي اي سي کي پينشن جي گهوٻين ۾ ملوث آفيسرن ۽ ملازمن کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ جي آگاهي ڏني وئي. آءِ جي ٽريزري پي اي سي کي ٻڌايو ته دادو، ميرپورخاص، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي 9 ضلعن ۾ جاچ دوران پينشن فنڊن ۾ 40 ڪروڙ روپين جون گهوٻيون ثابت ٿيون ۽ ان عمل ۾ خزاني واري کاتي جي 16 ملازمن جن ۾ هڪ گهوٽڪي جو ضلعي اڪائونٽس آفيسر پڻ ملوث هيو ۽ 3 اي جي سنڌ جا ملازم پڻ ثابت ٿيا جن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي. خزاني واري کاتي سيڪريٽري فياض جتوئي پي اي سي کي ٻڌايو ته مختلف ضلعن ۾ پينشنرن جون جعلي آئي ڊيون ٺاهي گهوٻيون هنيون ويون ۽ انهن جعلي آئي ڊين کي بند ڪري ملوث آفيسرن ۽ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ 2021ع ۾. نوشهروفيروز سميت مختلف ضلعن ۾ ڪيترن ئي پينشنرن کي 2،2 ۽ 3،3 ڀيرا پينش پڻ جاري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو جنهن تي نوشهروفيروز ضلعي جي اڪائونٽس آفيسر پي اي سي کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ مختلف کاتن جي پينشنرن جون 6 هزار کان وڌيڪ فائيلون ۽ رڪارڊ موجود ئي ناهي جڏهن ته 14 هزار پينشنرن جي جاچ هلي رهي آهي ۽ جن 18 پينشنرن کي 2،2 ڀيرا پينشن جاري ڪئي وئي انهن جي پينشن بند ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي پي اي سي شڪي پينشن جاري ٿيڻ جي روڪٿام لاءِ سنڌ جي سڀني کاتن کي پنهنجي پينشنرن جو گهربل رڪارڊ ۽ فائيل لاڳاپيل ضلعي اڪائونٽس آفيسرن جي آفيسن ۾ هڪ مهيني اندر جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ گهربل پينشنرن جا فائيل جمع نه ڪرائيندڙ شڪي پينشنرن جون آئي ڊيون بلاڪ ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.