هلندڙ سال جي ٻي سج گرهڻ ڪڏهن ٿيندي؟ اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي ٻي سج گرهڻ 21 ۽ 22 سيپٽمبر تي ٿيندي.
موسميات کاتي موجب سال 2025 جي ٻي سج گرهڻ جي شروعات 21 سيپٽمبر تي پاڪستاني وقت موجب رات 10 لڳي 30 منٽن تي ٿيندي ۽ 22 سيپٽمبر تي رات 12 لڳي 42 منٽن تي سج گرهڻ پنهنجي عروج تي هوندي، سج گرهڻ جي پڄاڻي رات 2 لڳي 55 منٽن تي ٿيندي.
هلندڙ سال جي ٻي سج گرهڻ پيسيفڪ، اٽلانٽڪ، انٽارڪٽيڪا ۽ آسٽريليا جي ڪجهه حصن ۾ ڏٺي ويندي، جڏهن ته اها پاڪستان ۾ نظر نه ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.