راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري 4 ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن 17 سيپٽمبر تي ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪ کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگرد ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، جڏهن ته امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
You might also like