يمن جي سمنڊ ۾ ڪيبل کاڄڻ سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست آهي: اختياريون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام سيڪريٽري چيو آهي ته يمن جي سمنڊ ۾ ميرين ڪيبل کاڄڻ سبب پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست آهي.
قومي اسيمبلي جي آءِ ٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري بابت سوال تي آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي سستي جو سبب يمن جي سمنڊ ۾ ميرين ڪيبل جو کاڄڻ آهي، هڪ يا ٻه نه پر 4 کان 5 ڪيبلز کاڄي ويون آهن.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ڏانهن ايندڙ ٻه ڪيبلز متاثر ٿيون آهن، ڪمپنين بينڊوٿ متبادل روڊ تي منتقل ڪئي آهي، ڪيبلز جي بحالي ۾ 4 کان 5 هفتا لڳي سگهن ٿا.
ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 3 وڌيڪ ڪيبلز ايندڙ 12 کان 18 مهينن ۾ اچي رهيون آهن، ٽئي ڪيبلز پاڪستان کي يورپ سان ڳنڍينديون، معاهدا ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.