ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ وارن پاڪستان جو مشهور گيت ”بول ڪفاره“ ٻيهر چورائي ورتو.
بالي ووڊ ۾ پاڪستاني گيتن جي چوري جي هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي، جتي بنا اجازت ۽ ڪريڊٽ ڏيڻ جي پاڪستاني گيت فلمن شامل ڪيا ويندا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ” بول ڪفاره“ جيڪو هڪ پاڪستاني ڊرامي جو او ايس ٽي گانو آهي ۽ قوالي طرز تي تيار ڪيو ويو هو، اهو سرحد پار ايترو مقبول ٿيو جو ٻه ڀيرا چورايو ويو.
پهريون ڀيرو اِهو گيت جوبن نوٽيال چوري ڪيو هو ۽ هاڻي ٻيهر بالي ووڊ ڳائڻي نيها ڪڪر ان کي فلم ”ايڪ ديواني ڪي ديوانيات “ لاءِ ڳايو آهي، جنهن ۾ اداڪارا سونم باجوا ۽ اداڪار هرش ورڌن پرفارم ڪيو آهي.
چوري ٿيل گيت رليز کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار طرفان بالي ووڊ انڊسٽري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.