تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بچاءَ واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل گهٽ لاڳت واري اينٽي ميزائل هاءِ پاور ليزر سسٽم “آئرن بيم“ جا ڪامياب تجربا مڪمل ڪيا آهن ۽ اهو سسٽم هلندڙ سال جي آخر تائين فوجي استعمال لاءِ تيار ٿي ويندو.
اهو ليزر سسٽم اسرائيلي ڪمپنين ايلبٽ سسٽمز ۽ رافيل ايڊوانس ڊفينس سسٽمز جي ڀائيواري سان تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهو اسرائيل جي موجوده ميزائل ٽوڙ نظامن جهڙوڪ آئرن ڊوم، ڊيوڊز سلنگ ۽ ايرو سان گڏجي ڪم ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب موجوده راڪيٽ ٽوڙ انٽرسيپٽرز جي لاڳت گهٽ کان گهٽ 50 هزار ڊالر آهي، جڏهن ته ليزر ٽيڪنالاجي جي لاڳت تقريبن ٻڙي آهي، اهو سسٽم بنيادي طور تي ننڍن راڪيٽن ۽ ڊرونز کي هدف بڻائي ٿو.
اسرائيل جي بچاءَ واري وزارت موجب آئرن بيم جي ڪارڪردگي ثابت ٿيڻ کانپوءِ اميد ڪيون ٿا ته اسرائيل جي فضائي دفاعي صلاحيتن ۾ وڏي واڌ ٿيندي، خاص طور ڊگهي فاصلي جي ليزر هٿيارن جي استعمال سان.
بچاءَ واري وزارت چيو ته ڪيترن ئي ورهين جي تياري کانپوءِ اهو نظام ڏکڻ اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هفتن تائين ٽيسٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ راڪيٽ، مارٽر گولن، جهازن ۽ ڊرونز کي مختلف جنگي منظرنامن ۾ ڪاميابي کان روڪڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ويو، شروعاتي سسٽمز کي هلندڙ سال جي آخر تائين فضائي دفاعي يونٽس ۾ شامل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ چين به پنهنجي فوجي پريڊ دوران ليزر هٿيارن تي ٻڌل فضائي دفاعي نظام جي نمائش ڪئي هئي.
You might also like