ورلڊ اٿليٽڪس چيمپيئن شپ: ارشد نديم ناڪام، ٽرينڊيڊ اينڊ ٽوباگو جي ڪيشورن والڪوٽ سونو ٻِلو کٽي ورتو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) ٽرينڊيڊ اينڊ ٽوباگو جي ڪيشورن والڪوٽ ورلڊ اٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ سونو ٻلو کَٽي ورتو، جڏهن ته گريناڊا جي اينڊرسن پيٽرز چاندي جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو.
پاڪستان جي ارشد نديم ۽ ڀارت جي نيرج چوپڙا فائنل ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا.
آمريڪا جي ڪرٽس ٿامپسن 86.67 ميٽر جي ٿرو سان پِتل جو ميڊل ماڻيو.
گولڊ ميڊل کٽيندڙ والڪوٽ 88.16 ميٽر پري نيزو اُڇلايو، جڏهن ته اينڊرسن پيٽرز 87.38 ميٽر جي ٿرو ڪئي.
فائنل ۾ سڀني نظرون ارشد نديم ۽ نيرج چوپڙا تي هيون، پر ٻنهي 83 ۽ 84 ميٽر کان وڌيڪ ٿرو نه ڪري سگهيا ۽ ڪيترن ئي ٿروز ۾ فائولز به ٿيا.
ارشد نديم جي پهرين ٿرو 82.73 ميٽر هئي، ٻي ٿرو فائول ٿي وئي، ٽِين ٿرو به رڳو 82.75 ميٽر رهي جنهن کان پوءِ هو ميڊل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو. نيرج چوپڙا جي پهرين ٿرو 83.65 ۽ ٻي 84.03 ميٽر رهي، ٽين ٿرو کي فائول قرار ڏنو ويو.
ٻئي پاسي ڀارت جي هڪ ٻئي رانديگر سچن يادَو 86.27 ۽ 85 ميٽر جون ٿروز ڪيون، پر ميڊل حاصل نه ڪري سگهيو.
شروعاتي رائونڊ ۾ ارشد نديم 85.28 ميٽر جي ٿرو سان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.
سال 2023ع ۾ هنگري ۾ ٿيل عالمي مقابلي ۾ هن چاندي جو ميڊل ماڻي پاڪستان لاءِ تاريخ رقم ڪئي هئي.
پاڪستاني اٿليٽ 2024ع جي پئرس اولمپڪس ۾ هن 92.97 ميٽر جي ٿرو سان گولڊ ميڊل کٽيو، جيڪو اولمپڪس رڪارڊ ۽ سندس ڪيريئر جي بهترين ڪارڪردگي هئي.
ارشد نديم ۽ نيرج چوپڙا جيا وچ ۾ هن واري ٿورا ويڇا نظر آيو، جڏهن ته ماضيءَ ۾ ٻئي رانديگر هڪٻئي همٿائيندا رهيا آهن.
مئي ۾ پاڪستان-ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ نيرج چوپڙا چيو هو ته ارشد نديم سان رشتو صرف گڏيل احترام تي ٻڌل هو، گهري دوستي ڪڏهن به نه هئي.
ٽرينڊيڊ اينڊ ٽوباگو سان واسطو رکندڙ 32 ورهين جي والڪوٽ ورلڊ اٿليٽڪس جو پهريون گولڊ ميڊل ماڻيو آهي، هو 2012ع واري لنڊن اولمپڪس ۾ به گولڊ ميڊلسٽ رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.