لاهور(م ڊ) سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪيو وڃي، ان ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. ان کي بينظير روزگار اسڪيم يا هنرمند اسڪيم بڻايو وڃي. غريده فاروقي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وفاق طرفان تمام وڏي رقم ڏني وڃي ٿي، جيڪا مناسب ناهي. ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ ڳالھ ٻولھ ٿيندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي وڏن سان ڳالھ ٻولھ ٿي آهي، اهي به ان ڳالهه تي متفق آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام BISP مان ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ٿي ڪري سگهجي، نه ئي ڪرڻ گھرجي. پيپلز پارٽي کي صاف جواب ڏنو ويو آهي.