دوحا تي اسرائيلي حملو جائز هو، ڇو ته قطر حماس کي پناهه ۽ مدد ڏئي ٿو: نيتن ياهو

تل ابيب/دوحا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته گذريل هفتي دوحا جي مرڪز ۾ حماس جي اڳواڻن تي ٿيل حملو ”جائز“ هو، ڇو ته قطر جا حماس سان ويجها لاڳاپا آهن.
نيتن ياهو اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران دعويٰ ڪئي ته قطر حماس سان رابطي ۾ آهي ۽ حماس کي پناھه ڏئي ٿو، مالي مدد ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو.
هن چيو ته ”قطر وٽ حماس تي دٻاءُ وجهڻ جي طاقت هئي (جيڪا هو استعمال ڪري سگهي پيو) پر ان ائين نه ڪيو. تنهنڪري اسان جيڪو ڪيو اهو بلڪل جائز هو.“
واضح رهي ته دوحا ۾ حماس اڳواڻن تي اسرائيلي فوج جو هوائي حملو قطر تي سڌي ريت پهريون حملو هو، جيڪو آمريڪا جو ويجهو اتحادي آهي، اسرائيلي فوج جي ان ڪارروائي تي سڄي دنيا مان سخت ردعمل سامهون آيو آهي.
سومر تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي اڳواڻن قطر ۾ هنگامي اجلاس ڪوٺايو، جنهن جي پڄاڻي تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻين ملڪن تي زور ڏنو ويو ته اِهي اسرائيل سان پنهنجن سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي نظرثاني ڪن.
قطري امير تميم بن حمد الثاني به اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ”اسرائيل عرب دنيا کي پنهنجي اثر هيٺ آڻڻ چاهي ٿو.“
قطري امير وڌيڪ چيو ته گذريل هفتي دوحا تي اسرائيلي حملو غزا بابت ڳالهين کي بند گهٽي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش هئي.
ياد رهي ته نوَ سيپٽمبر تي اسرائيلي فوج قطري راڄڌاني دوحا ۾ حماس اڳواڻن تي حملو ڪيو هو.
ان حملي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسرائيل طرفان حملي جي موقعي تي کيس آگاهه ڪيو ويو، جنهن سبب قطري عملدارن کي اطلاع ڏيڻ ممڪن نه ٿيو، ٽرمپ پڪ ڏياري ته کيس مڪمل اعتماد آهي ته اهڙو حملو ٻيهر نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.