حماس قيادت جتي به هوندي، نشانو بڻبي: نيتن ياهو

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حماس اڳواڻن خلاف وڌيڪ حملن جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ نيتن ياهو دوحا ۾ حماس قيادت تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي ۽ چيو ته حماس اڳواڻ جتي به هجن، نشانو بڻائي سگهجن ٿا. هن واضع ڪيو ته آمريڪا سان گڏجي مڪمل طاقت سان ڪارروايون جاري رهنديون. مارڪو روبيو اسرائيل کي آمريڪا جو بهترين اتحادي قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا اسرائيل سان گڏ آهي ۽ حماس کي هٿياربند گروهه طور ختم ٿيڻ گهرجي. آمريڪي ميڊيا موجب مارڪو روبيو سڀاڻي قطر جو دورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.