آءِ سي سي پاڪستان جو ميچ ريفري هٽائڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، پي سي بي ايونٽ تان هٿ کڻڻ واري موقف تي قائم

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ايشيا ڪپ مان ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي هٽائڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ميچ ريفري بابت مطالبو رد ٿيڻ بابت باظابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پي سي بي طرفان مستقبل جي حڪمت عملي لاءِ حڪومت سان صلاح مشوري جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي اهم سرڪاري عهديدارن سان اڄ صلاح مشوري جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ-ڀارت ميچ جي ريفري کي هٽائڻ واري مطالبن بابت آءِ سي سي جي فيصلي تي جلد پنهنجو موقف ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ بابت پي سي بي جلد فيصلو ڪندو ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر بورڊ ايشيا ڪپ بابت پنهنجو موقف پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جو مطالبو نه مڃيو ويو ته ٽيم ايشيا ڪپ تان هٿ کڻي ويندي.
ان کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي هئي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪ-ڀارت ميچ جي ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي هٽائڻ واري پاڪستان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ويب سائيٽ موجب، آءِ سي سي گذريل رات پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ان بابت ٻڌائي ڇڏيو هو.
ياد رهي ته ٽاس جي موقعي تي ۽ ميچ کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ڪپتان ۽ رانديگرن طرفان پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ نه ملائڻ واري معاملي ۾ آءِ سي سي ميچ ريفري پاءِ ڪرافٽ کي ايشيا ڪپ مان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.