اسلام آباد(پ ر) عوامي ورڪرز پارٽي، پاڪستان جي مزدورن کي اپيل ڪئي آهي ته هو آمريت طرف وڌندڙ رياست ۽ معاشري جي زوال کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اسٽيبلشمينٽ مخالف پروگرام هيٺ منظم ٿين، ته جيئن حقيقي جمهوري ۽ عوامي قوتن جي اتحاد سان تبديلي ممڪن ٿي سگهي. اسان کي بي اختيار اسيمبلي ۽ انصاف جي ادارن جي ذريعي ڪارن قانونن جي لاڳو ٿيڻ، ماڻهن جي مٿان ڊجيٽل نگراني ۾ اضافي ۽ ترقي پسند قوتن ۽ اختلاف راءِ رکندڙ آوازن تي بندش خلاف متحرڪ ٿيڻو پوندو ۽ جاري رياستي دٻاء جو جمهوريت پسند قوتن جي اجتماعي جدوجهد جي ذريعي مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکجي. اهڙو اظهار عوامي ورڪرز پارٽي جي قيادت گذريل ڏينهن سوات ۾ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي اجلاس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ميداني علائقن ۾ ٻوڏ، عالمي سامراج ۽ پاڪستان جي حڪومت جي عوام ۽ ماحول دشمن پاليسين جو نتيجو آهي. هنن چيو ته عوامي ورڪرز پارٽي سمجهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجين ڪٺ پتلي پارٽين (ن) ليگ ۽ پ پ جي ذريعي مزدورن جي استحصال کي برقرار رکيو پئي اچي. موجوده هائبرڊ نظام سياسي گهٽ پيدا ڪري عوام جو معاشي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ان نظام جو متبادل جيستائين عوام جي سامهون نٿو آندو وڃي تيستائين هي نظام جاري رهندو. هنن چيو ته معدنيات کي آمريڪا حوالي ڪرڻ، درياهه تي نوان ميگا پراجيڪٽ ٺاهڻ جي شوشي ۽ هاڻوڪن دهشتگردي جي قانونن ۾ ترميمون ۽ انهن کي گلگت بلتستان تائين وڌائڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جبري گمشدگين جي خاتمي سان گڏ علي وزير، ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن جي آزاد جو مطالبو ڪندي چيو ته سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي عرصي کان ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن جو سختيون برداشت ڪري رهيا آهن.