واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته قطر آمريڪا جو مضبوط اتحادي آهي ۽ ان سان خاص لاڳاپا قائم آهن، تنهن ڪري اسرائيل کي ڪارروائين ۾ تمام گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو. صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني هڪ عظيم اڳواڻ آهي. اسرائيلي حملن ۽ وزيراعظم نيتن ياهو بابت سوال تي ٽرمپ وضاحت ڪئي ته حماس خلاف قدم کڻڻو پوندو، پر ساڳي وقت قطر کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪيترن کي خبر ئي ناهي ته قطر آمريڪا جو ڪيترو ويجهو اتحادي آهي.