9 شهرين جي قتل ۾ ملوث اشتهاري جوابدار سعودي عرب مان گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) 9 شهرين جي قتل ۾ ملوث اشتهاري جوابدار کي سعودي عرب مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار 2019 ۾ 9 شهرين کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو هو.
ايف آءِ اي 9 شهرين جي قتل ۾ ملوث اشتهاري جوابدار صدام علي کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار 2019 ۾ عيد جي موقعي تي 9 شهرين کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو هو.
ترجمان ٻڌايو ته جوابدار خلاف صدر ٿاڻي جلالپور پير والا ۾ ڪيس داخل هو، ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو.
جوابدار کي ايف آءِ اي اميگريشن اسلام آباد قانوني ڪارروائي کانپوءِ پنجاب پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.