ملڪ ۾ ڊينگي وائرس پکڙجڻ جو خطرو، الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت 10 وڏن شهرن ۾ ڊينگي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي 20 سيپٽمبر کان ڊينگي پکڙجڻ جي خدشي کي ڏسندي عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي ڊينگي مڇرن جي واڌ ويجهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت 10 وڏا شهر متاثر ٿي سگهن ٿا.
الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته مڇر سج نڪرڻ کانپوءِ ۽ سج لهڻ کان اڳ وڌيڪ متحرڪ هوندا آهن، شهري انتظاميا ڦوهاري ۽ صفائي جا قدم تيز ڪري ته جيئن وبا تي ضابطو آڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.