ڊينگي بخار کان پوءِ جسماني ڪمزوري عام آهي، ان ڪري صحت جو خيال رکڻ گھڻو اهم آهي.
ڊينگي بخار کان پوءِ جسم ۾ سور، ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري جي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، تنهن ڪري انهن اثرن کي جلد ختم ڪرڻ ۽ صحت جي بحالي کي ممڪن بڻائڻ به اهم آهي.
طبي ماهر ڊينگي مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ميون جي استعمال تي گھڻو زور ڏيندا آهن.
هيٺ ٻڌايل غذائون توهان جي صحت بحال ڪرڻ ۾ فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿيون.
طاقت ۽ غذائيت سان ڀرپور شربت
ڊينگي مان صحتيابي کان پوءِ ضروري آهي ته انهن شربتن جو استعمال ڪيو وڃي، جيڪي جسم کي هائڊريٽ رکن.
ناريل جو پاڻي ۽ ميون جا جوس ان لاءِ بهترين چونڊ آهن.
پروٽين جو مقدار
ڊينگي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ان جا اثر انساني جسم کي متاثر ڪندا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته پروٽين جي مقدار ۾ اضافو ڪيو وڃي، پنهنجي خوراڪ ۾ داليون، نارنگي کي شامل ڪريو.
اَن
ڊينگي مان صحتيابي کان پوءِ چانور ۽ ڪَڇ کي پنهنجي خوراڪ جو حصو لازمي بڻايو، اهي انساني جسم ۾ مدافعتي قوت کي بهتر ڪندي ڊينگي مان تيزيءَ سان صحتياب ڪن ٿا.
فولڪ ايسڊ ۽ وٽامن سان ڀرپور خوراڪ
ڊينگي مان صحتيابي کان پوءِ فولڪ ايسڊ ۽ وٽامن سان ڀرپور خوراڪ کائو، ڏاڙهون ۽ پالڪ وٽامن سان ڀرپور خوراڪ آهن، اهي غذائون واڌ ويجهه فراهم ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪنديون آهن.
Next Post
You might also like