صدر ٽرمپ جي ويجهي ساٿي چارلس ڪرڪ جو قاتل گرفتار، تصويرون جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ قدامت پسند تجزيي نگار چارلي ڪرڪ جي شڪي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، گرفتار ٿيل شڪي قاتل جي سڃاڻپ 22 ورهين جي ٽائلر رابنسن طور ٿي آهي، جنهن جي تصوير به پوليس جاري ڪري ڇڏي آهي.
صدر ٽرمپ چيو آهي ته چارلي ڪرڪ جو شڪي قاتل پوليس هيڊڪوارٽر ۾ موجود آهي ۽ کيس سندس ئي ويجهي ساٿين مان ڪنهن پوليس حوالي ڪيو آهي.
ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته لڳي ٿو ته کيس موت جي سزا ملندي.
ان کان اڳ ايف بي آءِ قاتل جي سي سي ٽي وي وڊيو جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ کيس فائرنگ کان پوءِ عمارت جي ڇت تان ٽپو ڏئي ڀڄندي ڏٺو ويو هو.
ايف بي آءِ موجب، حملو ڪندڙ هٿيار ۽ گوليون ڀرپاسي جي جهنگ ۾ اڇلائي فرار ٿيو، جتي ڇت تان سندس جوتن ۽ هٿن جا نشان به مليا آهن.
ايف بي آءِ قاتل جي گرفتاري تي هڪ لک ڊالر انعام جو اعلان پڻ ڪيو هو.
ياد رهي ته صدر ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ اسرائيل نواز شخصيت چارلي ڪرڪ کي گذريل ڏينهن يوٽا يونيورسٽي ۾ تقرير دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.
شاهدن موجب، حملي وقت چارلي ڪرڪ ”گن ڪنٽرول ۽ هجوم تي فائرنگ“ جي موضوع تي ڳالهائي رهيو هو.
چارلي ڪرڪ قدامت پسند شخصيت مشهور هو ۽ ”ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي“ نالي تنظيم جو باني پڻ هو، جيڪا 2012ع ۾ ٺهي هئي ۽ تعليمي ادارن ۾ قدامت پسند نظرين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.