ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته ڪچي جي علائقن ۽ سامونڊي پٽي ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهين ٿا ته قانون تي عمل ڪيو وڃي.
ڪراچي ۾ ڪچي جي علائقن بابت مانيٽرنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار ڪئي. اجلاس ۾ ڪچي جي صورتحال، آپريشنز جي تفصيل ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
بريفنگ دوران اي آءِ جي آپريشنز ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف يقيني ڪاميابي لاءِ پوليس کي جديد اوزارن جي گهرج آهي، پوليس کي هٿيارن ۽ محفوظ گاڏين جي فوري ضرورت آهي، جڏهن ته ڪچي جي علائقن ۾ قائم چيڪ پوسٽن تي سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته جديد هٿيارن ۽ اوزارن کانسواءِ پوليس کي معياري تربيت ڏيڻ جي به ضرورت آهي.
ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير چيو ته اسان اڳ ۾ ئي گهڻي دير ڪري چڪا آهيون ۽ ان ڪري ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل نه ٿي سگهيو، پر هاڻي هر صورت ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جو ڪامياب انجام ڏيڻو آهي.
هن چيو ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ بابت قانون بلڪل واضح آهي، ڏوهارين يا سندن گروهن جو پرامن طريقي سان سرينڊر ڪرڻ قاعدن ۽ ضابطن سان مشروط آهي.
ضياءَ لنجار جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل ستن مهينن دوران ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن انتهائي اثرائتو رهيو آهي. دادو، مورو، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پل ٺهڻ سان ڏوهن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جلد کان جلد گهوٽڪي-ڪشمور پل جي اڏاوت مڪمل ڪئي وڃي، ڇو ته ان رستي تي به پل ٺهڻ سان ڏوهن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي.