واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان گالفر عمر خالد آمريڪا ۾ ٿيل فيڊرچ اوپن ٽورنامينٽ کٽي ورتي.
عمر خالد 14 انڊر اسڪور سان شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، جتي هن آمريڪي پروفيشنل پليئر زيڪ وليمز کي صرف هڪ اسٽروڪ جي فرق سان شڪست ڏني.
پاڪستاني ايمچور گالفر مجموعي طور 14 برڊيز ۽ هڪ ايگل حاصل ڪيو. پهرين رائونڊ ۾ هن ايگل سميت 9 انڊر اسڪور ٺاهيو، جڏهن ته ٻئي رائونڊ ۾ به شاندار راند پيش ڪندي 5 انڊر پار کيڏيو.