نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تمل ناڊو جي ضلعي ڪڊالور ۾ هڪ شرمناڪ واقعو پيش آيو، جتي 4 عورتن هڪ عورت کي وڻ سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس ڪپڙا لاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
پوليس موجب شروعاتي جاچ سان خبر پئي آهي ته واقعي زميني تڪرار تان پيش آيو، هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيون 3 اڃا تائين مفرور آهن، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
You might also like