قصور (ويب ڊيسڪ) قصور جي علائقي مائي رابو ۾ ڦر مزاحمت تي ڪوڏي ڪوڏي جو انٽرنيشنل رانديگر مارجي ويو.
پوليس موجب ناصر پهلوان حويلي لکا کان گهر واپس وڃي رهيو هو ته ڦورن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته پهلوان کي ڪنڌ ۾ گولي لڳي، کيس علاج لاءِ لاهور نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب ناصر پهلوان کي ٽن ٻارن جو اولاد هو، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like