اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر 26هين آئيني ترميم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
مصطفيٰ نواز کوکر طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 2(2) موجب فل ڪورٽ جوڙڻ جو فيصلو قانون موجب آهي، جڏهن ته رجسٽرار يا ڪا ٻي اٿارٽي ڪميٽي جي فيصلي کي ختم نٿي ڪري سگهي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميٽي جي فيصلي بابت چيف جسٽس جي وضاحت تي عمل نه ڪرڻ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، ايڪٽ ۾ ٿيل ترميمون آئين ۽ قانون سان هڪجهڙائي نٿيون رکن.
درخواست ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽيءَ جي 31 آڪٽوبر واري اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي استدعا ڪندي چيو ويو آهي ته ڪميٽي جي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ بابت انتظامي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
واضح رهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي 31 آڪٽوبر تي 26هين آئيني ترميم بابت فل ڪورٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو.
You might also like