پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ قربتون وڌڻ لڳيون، راحت فتح علي خان طرفان بنگالي گيت” تم امر پريم پياشا“جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت يافته پاڪستاني راڳي راحت فتح علي خان بنگالي ٻوليءَ ۾ گيت ڳائڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون کٽي ورتيون آهن.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سياسي، سفارتي، واپاري ۽ عوامي سطح تي قربتون وڌي رهيون آهن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي تاريخي دوري ۽ بنگلاديشي عوام طرفان پاڪستاني وفد پرجوش آجيان کانپوءِ هاڻي موسيقي جي شعبي ۾ به ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ لڳا آهن.
مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان بنگالي ٻوليءَ ۾ هڪ اهڙو گيت ڳايو جنهن ٻنهي ملڪن جي عوام کي متاثر ڪيو،
ان گيت جا ٻول” تم امر پريم پياشا“ آهن، جيڪو هن بنگالي گلوڪارا رباعيت جهان سان گڏ ڳايو.
راحت فتح علي خان طرفان گانو پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.