ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جو هڪ ٻيو ساٿي به کيس الوداع چوڻ وارو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪيڪو شاردا جلد نيٽ فلڪس تي ايندڙ شو ”دي گريٽ انڊين ڪپل شو“ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو ڪيڪو شاردا ايمازون تي نشر ٿيندڙ نئون شو سائن ڪري ورتو آهي، جنهن سبب هو ڪاميڊي شو ڇڏڻ وارو آهي.
بهرحال، ان حوالي سان ڪپل شرما جي ٽيم، ڪپل پاڻ يا ڪيڪو شاردا مان ڪنهن به تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ ڪرشنا اڀيشڪ، سنيـل گروور ۽ سمونا چڪرورتي به شو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر ڪرشنا ۽ سنيـل گروور جي واپسي ٿي وئي، جڏهن ته سمونا اڃا تائين ٽيم جو حصو نه آهي.
You might also like