اميتاڀ بچن کي ڪروڙين ماليت جي ڪار تحفي ۾ ڏيندڙ هدايتڪار کي ماءُ چماٽ وهائي ڪڍي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري فلمساز، هدايتڪار وِڌو ونود چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته اميتاڀ بچن کي ساڍن چئن ڪروڙ ماليت جي ڪار تحفي ۾ ڏيڻ تي کيس پنهنجي ماءُ چماءُ وهائي ڪڍي هئي.
هدايتڪار وِڌو ونود هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته فلم ”ايڪلويه: دي رائل گارڊ“ جي شوٽنگ دوران مون اميتاڀ بچن کي پنهنجو رهائش ۽ سفر جو خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ تي راضي ڪيو، ڇو ته جيڪڏهن مان اميتاڀ جو خرچ کڻان ها ته پوءِ سيف علي خان ۽ سنجي دت جا به خرچ برداشت ڪرڻا پون ها.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، جڏهن شوٽنگ شروع ٿي ته جيا بچن کي پَڪ هئي ته سندس مڙس اميتاڀ بچن هدايتڪار وِڌو ونود کي هڪ هفتو به برداشت نه ڪري سگهندو، جنهن جو اعتراف بِگ بي پاڻ به سيٽ تي ڪري چڪو هو.
وِڌو ونود موجب، اميتاڀ ٿورو سامان کڻي سيٽ تي پهتو ته مان دنگ رهجي ويس، پڇڻ تي هن چيو ته جيا مونکي چيو هو ته مان توکي هڪ هفتو به برداشت نه ڪري سگهندس.
هدايتڪار تسليم ڪيو ته ”اسان هڪ هفتي يا ڏهه ڏينهن کانپوءِ وڙهڻ شروع ڪيو، پر ٻئي ڪم لاءِ ڄمي بيٺاسين ۽ شوٽنگ مڪمل ڪئي.“
ان کانپوءِ ۾ وِڌو ونود، اميتاڀ بچن جي سهڪار تي کيس ساڍن 4 ڪروڙ رپين جي ڪار تحفي ۾ ڏني،
هدايتڪار ان واقعي کي ساريندي ٻڌايو ته ” جڏهن مون اميتاڀ کي ڪار ڏني، تڏهن منهنجي ماءُ به ساڻ هئي ۽ هن ئي ڪار جون چاٻيون بگ بي کي ڏنيون.“
وِڌو ونود وڌيڪ ٻڌايو ته ”ڪار ڏيڻ کان پوءِ امان منهنجي گاڏي ۾ اچي ويٺي، مان پاڻ ڊرائيونگ ڪري رهيو هوس، هن پڇيو ته تون پنهنجي لاءِ ڪار ڇو نه ٿو وٺين ؟ مون کيس چيو ته وقت ايندو ته وٺندسم ان تي امڙ اندازو لڳايو ته اِها شايد 11 لک جي هوندي، جڏهن مون ٻڌايو ته اها ساڍن چئن ڪروڙن آهي ته هن مونکي چريو چئي چماٽ وهائي ڪڍي، اِها مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، ڇو ته پئسو ڇا آهي جيڪڏهن اهو توهان خوشي نٿو ڏئي سگهي؟“
واضح رهي ته 2007ع جي فلم ”ايڪلويه: دي رائل گارڊ“ ۾ اميتاڀ بچن، سيف علي خان، سنجي دت ۽ وديابالڻ مُک ڪردار ادا ڪيا هئا، فلم باڪس آفيس تي ناڪام رهي پر ان کي نقادن طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ ڀارت طرفان فلم کي آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.