پاڪستان افغانستان جي زلزلي متاثرن لاءِ 105 ٽن امدادي سامان موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان جي زلزلي متاثرن لاءِ 105 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته افغان پرڏيهي وزير متقي سان منهنجي ٽيليفونڪ گفتگو کانپوءِ اڄ حڪومت افغانستان لاءِ 105 ٽن امدادي شيون روانيون ڪيون آهن.
هن ٻڌايو ته ان امدادي سامان ۾ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون، خيما، ڪمبل ۽ گدا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.