حسن زاهد سامعه حجاب جو مڱيندو نڪتو، ٽِڪ ٽاڪر نوان انڪشاف ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪر سامعه حجاب چيو آهي ته سندس مڱڻو حسن زاهد سان ٿيو هو، پر سندس نامناسب روين سبب رشتو ختم ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ سامعه ٻڌايو ته جڏهن هن پهريون ڀيرو حسن زاهد طرفان هراسان ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ته عوام ۽ پوليس ٻنهي ساٿ ڏنو، پر ساڳئي وقت ڪجهه ماڻهن سوال کڙا ڪري ڇڏيا، الزام تراشي شروع ڪئي ۽ چيو ته سندس حسن زاهد سان لاڳاپا رهيا آهن.
سامعه چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو نڪاح به ٿي وڃي، ڇا ان سان مرد کي اهو حق ملي ٿو ته هو ڇوڪري کي گهر ٻاهران زبردستي کڻي وڃي؟
وڊيو ۾ سامعه اِهو به ٻڌايو ته جڏهن حسن زاهد کيس ڪار ۾ پرپوز ڪيو هو.
سندس چوڻ آهي ته هن شادي لاءِ 5 کان 6 سال وقت گهريو هو ۽ ٻنهي خاندانن کي به ان ڳالهه جو پتو هو.
ٽڪ ٽاڪر سامعه حجاب وضاحت ڪئي ته هن حسن کان ڪڏهن به پئسا نه ورتا، رڳو هڪ سوني مُنڊي مڱڻي دوران ڏني وئي جيڪا اڄ به هن وٽ آهي.
سندس چوڻ آهي ته جڏهن حسن جي روين جو اندازو ٿيو ته رشتو ختم ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هن کيس ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، اغوا جي ڪوشش ڪئي ۽ نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪيون.
سامعه چيو ته ڪنهن تي تشدد يا زبردستي ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ حسن پوليس حراست ۾ پنهنجن عملن جو اعتراف به ڪيو آهي، رشتا تڏهن ختم ٿي وڃن ٿا جڏهن مرد عورت تي هٿ کڻي، ڇو ته ڪا به عورت تشدد برداشت نٿي ڪري سگهي.
هن ٻڌايو ته حسن زاهد خلاف اڳ ئي چوري ۽ جعلي گاڏين جا ڪيس داخل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حسن کيس قتل ڪري ڇڏي ها ته ماڻهو افسوس ڪن ها، جيئن ثناءَ يوسف واري ڪيس ۾ ٿيو.
سامعه انڪشاف ڪيو ته حسن کيس تيزاب سان حملي ۽ قتل جون ڌمڪيون به ڏنيون.
هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو ساٿ نه ٿا ڏئي سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ سندس زندگي وڌيڪ مشڪل نه بڻائين.
هن ڇوڪرين کي پيغام ڏنو ته ڊڄڻ بجاءِ پنهنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪريو، ٻي صورت ۾ هو به انهن عورتن ۾ شمار ٿينديون جن کي پوءِ انصاف نٿو ملي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سامعه هڪ وڊيو ۾ ٻڌايو هو ته هوءَ ثناءَ يوسف جي سٺي دوست آهي ۽ حسن زاهد ڪافي عرصي کان کيس هراسان ڪري رهيو هو.
سندس چوڻ هو ته حسن 2 کان 3 مهينن کان کيس قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو هو ۽ زبردستي شادي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو.
ان واقعي کانپوءِ اسلام آباد جي شاليمار ٿاڻي ۾ حسن زاهد خلاف ڪيس داخل ٿيو ۽ پوليس کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي هن اعتراف ڪندي چيو ” سر، مون کان غلطي ٿي آهي.“
عدالت کيس پنج ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ان واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سامعه حجاب ۽ حسن زاهد جون ڪيئي گڏيل وڊيوز وائرل ٿيون جن ۾ ٻنهي جو تعلق دوستيءَ کان وڌيڪ لڳي رهيو هو.
ساڳئي وقت اِها دعويٰ به ڪئي وئي ته سامعه حسن کان مالي مدد وٺندي رهي آهي، ڪجهه واهپيدارن آن لائن ٽرانزيڪشن جا اسڪرين شاٽس به شيئر ڪيا، جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ هو ته حسن اغوا ڪرڻ نه پر پنهنجا پئسا واپس وٺڻ ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.