چين، روس ۽ اتر ڪوريا اسان جي خلاف سازش ڪري رهيا آهن: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيم، اتر ڪوريا ۽ روس جي اڳواڻن تي آمريڪا خلاف سازش جو الزام هڻي ڇڏيو.
ڊونلڊ ٽرمپ چين، اتر ڪوريا ۽ روس جي سربراهن تي الزام هنيو ته هو بيجنگ ۾ هڪ وڏي فوجي پريڊ جي موقعي تي آمريڪا خلاف سازش ڪري رهيا آهن.
آمريڪي صدر ٽرٿ سوشل تي شي جن پنگ کي مخاطب ٿيندي لکيو ته جڏهن توهان آمريڪا خلاف سازش ڪري رهيا آهيو ته منهنجي طرفان پيوٽن ۽ ڪم جونگ ان کي سلام چئجو.
واضح رهي ته اها پريڊ بيجنگ ۾ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي جا 80 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي اتر ڪوريائي اڳواڻ ڪم جونگ ان ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيني صدر شي جن پنگ سان گڏ بيٺا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.