ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ 14 ڄڻا شهيد، واقعو ڪنٽرول کان ٻاهر هو ۽ ان کي روڪڻ ممڪن نه هو: حمزا شفقات

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حمزا شفقات چيو آهي ته سرياب وارو واقعو ڪنٽرول کان ٻاهر هو ۽ ان کي روڪڻ ممڪن نه هو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي کان اڳ انتظاميا کي ٽي ڀيرا جلسو ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو پر ان کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو.
ڪوئيٽا ۾ پوليس عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته آپگهاتي بمبار جي عمر 30 سال کان گهٽ هئي، جڏهن حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي.
هن چيو ته جلسي لاءِ سيڪيورٽي ڏني وئي هئي، جيڪڏهن واقعو جلسي گاهه اندر ٿئي ها ته نقصان تمام گهڻو ٿئي ها، ڌماڪي جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، هر هر درخواست ڪري رهيا آهيون ته 6 سيپٽمبر تي پنهنجي موومنٽ ڪنٽرول ۾ رکو.
حمزه شفقات چيو ته آپگهاتي ڌماڪو جلسي گاهه کان 500 ڪلو ميٽر پري ٿيو، جلسي جو وقت شام 3 وڳي هو پر واقعو رات 9 وڳي ٿيو، واقعو جلسو ختم ٿيڻ جي 45 منٽن بعد پيش آيو.
هن چيوته انتظاميا کي ٽي ڀيرا چيو ويو هو ته جلسو ختم ڪيو، سيڪيورٽي صورتحال بابت سياسي جماعت کي آگاهه ڪيو ويو هو، انتظاميا جي سيڪيورٽي ٿريٽ کي سنجيده وٺڻ گهرجي ها، جيڪڏهن منتظمين ان کي سنجيده وٺن ها ته هي واقعو نه ٿئي ها.
صوبائي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته سرياب وارو واقعو ڪنٽرول کان ٻاهر هو ۽ ان جي روڪٿام ممڪن نه هئي، بي اين پي جي جلسي تي 120 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا.
هن وڌيڪ چيو ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي به سيڪيورٽي ٿريٽ الرٽ آهي، ايندڙ وقت ۾ سانجهي نماز کانپوءِ جلسا ۽ جلوس ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ٻئي پاسي واقعي خلاف بلوچستان ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جڏهن ته پختونخوا ملي عوامي پارٽي طرفان به ٽي ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بلوچستان جي صحت واري وزير بخت ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 14 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 30 ڄڻا زخمي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.