سنڌين بابت زهر اوڳاڇيندڙ وي لاگر رضي دادا پي ٽي وي مان معطل

اسلام آباد(ع آ نيوز) صحافي ۽ يوٽيوبر رضوان عرف رضي دادا  کي تڪراري وي لاگ ٺاهڻ تي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) مان ايندڙ حڪم معطل ڪيو ويو آهي۔  رضي دادا پي ٽي وي جي پروگرام ”سياست ٽونائيٽ“ ۾ تجزيي نگار طور شرڪت ڪندو رهيو آهي. اطلاعن موجب، سرڪاري نشرياتي اداري پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لميٽيڊ  پنهنجي ڪرنٽ افيئرز پروگرام جي اينڪر رضوان الرحمان (رضي دادا ) کي معطل ڪري ڇڏيو آهي۔ ان حوالي سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽر اسلام آباد پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔ ڊپٽي ڪنٽرولر ايڊمنسٽريشن اينڊ پرسنل II محمد ابراهيم پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي وي انتظاميه جي ڄاڻ ۾ آيو آهي ته اينڪر پنهنجي وي لاگ ۾ هڪ مخصوص نسلي گروهه بابت توهين آميز رمارڪس ڏنا آهن، جنهن سبب عوام کي ڏک ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو۔نوٽيفڪيشن موجب، اهو رويو قومي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جي خلاف آهي، تنهن ڪري رضی دادا کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ هو ايندڙ حڪمن تائين پي ٽي وي جي اسڪرين تي نظر نه ايندو۔ واضح رهي ته رضي دادا ٻوڏ بعد سنڌين بابت توهين وارا لفظ لکندي چيو هو ته سنڌي ڊيمن جي مخالفت ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.