اسان ڪالاباغ ڊيم جي ڪڏهن به حمايت نه ڪئي آهي:حليم عادل

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي ) سنڌ جي صدر عليم عادل شيخ پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طرفان ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي تجويز تي چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم هڪ مئل گهوڙو آهي، اسان ان جي ڪڏهن به حمايت نه ڪئي آهي، هن چيو ته  ماضي ۾ عمران خان وزيراعظم ۽ چيئرمين طور ڪالا باغ ڊيم جي واضح مخالفت ڪري چڪو آهي ، علي امين گنڊا پور جو بيان سندن ذاتي سوچ ٿي سگهي ٿو، ان تي ڪي پي ڪي جي ٻين اڳواڻن به وضاحتون ڏنيون آهن۔ هن چيو ته پارٽي صدر طور وضاحت ٿو ڪريان ته ڪالا باغ ڊيم هڪ تڪراري منصوبا آهي جنهن جي ڪڏهن به حمايت نه ڪبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.