ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفارميرجت پنھل جمالي، ذوالفقار بليدي، اياز سولنگي، سلطان دل، ڪمال مھر گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن سنڌ اندر مارشلائي دور مڙھيو آھي انصاف ترقي ۽ خوشحالي جون راھون بند ڪيون ويون آهن جيئي سنڌ محاذ طرفان31 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ پرامن مظاهرا ڪيا ته پوليس ڪارڪنن لاء رڻ ٻاري ڏنو آهي حيدرآباد ۾ گرفتاريون ٿيون،هنن چيو ته حڪمران عوام جي تحفظ ڪرڻ بجاء انتقامي ڪاروايون ڪري رھيا آهن حڪمران بندوبست ڪري رھيا آهن ته سنڌ کي ھڪ دفعو وري ٻوڙايون 2010 ۽2022 واريون ھٿرادو طور آڻي تباهي آندي وئي ھاڻي به ھٿرادو ٻوڏ آڻڻ جي تياري ڪئي ٿي وڃي.