ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڀارت جي آبي دهشتگردي ۽ صوبائي حڪومتن جي غفلت ملڪ کي تباھي جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي. پنجاب ۾ لکين ماڻهو متاثر آهن پر وزيراعليٰ پنجاب فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت ٻوڏ کي هڪ نئين ڪرپشن جو موقعو سمجهي رهي آهي. هو انصاف هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جمال صديقي، ايڊووڪيٽ امان الله قاضي، ايم پي اي ساجد مير، ارسلان خالد، ذوالفقار ملاح، سيدة آسيا شاهه، ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا، مولانا جميل اظهر وتھرا، فرخ جي خان، معظم خان، عائشه رشيد، محمد علي بلوچ، چيٽن مل آرواني ۽ انور مهدي سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪا به خيمي بستي قائم نه ڪئي آهي، نه ئي عوام ۽ سندن مال مويشي کي ريسڪيو ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. ڪروڙين روپيا فنڊ ڊپٽي ڪمشنرن کي جاري ڪيا ويا پر انهن جي استعمال جو ڪو به رڪارڊ ناهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ الزام هنيو ته آبپاشي کاتي کي 2008 کان 2025 تائين لڳ ڀڳ 650 ارب روپيا بجيٽ مليو پر ان جي استعمال جو ڪو حساب ناهي، نه ئي ڪا جاچ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 2024-25 جي اڪائونٽنٽ جنرل جي رپورٽ ۾ صرف سنڌ جي مختلف کاتن ۾ 836 ارب روپين جي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي، جيڪا ڪرپشن جي واضع مثال آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي شهر کي ڪچري جو قبرستان بڻايو. صرف ٽن سالن ۾ 43 ارب روپيا هڙپ ڪيا ويا. ملير ايڪسپريس وي (شاہراهه ڀٽو) 54 ارب جي منصوبي ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيو، جنهن جي ڪري پهرين برساتن ۾ ئي روڊ ٽٽڻ لڳو. هن چيو ته گذريل 15 سالن ۾ ڪراچي کي ان جو جائز حق 3360 ارب روپين کان محروم رکيو ويو. جيڪڏهن رڳو هن سال جو 880 ارب روپيا حصو ڏنو وڃي ته شهر جا گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا،