پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فرنچائز پشاور زلمي ۽ زلمي فائونڊيشن جي چيئرمين جاويد آفريدي افغانستان جي زلزلي متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ جاويد آفريدي چيو ته افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ نقصان تي افغان ڀائرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
هن زلمي فائونڊيشن طرفان زلزلي متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.
Prev Post
You might also like